پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن

پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن: هيءَ ڪارپوريشن حڪومت جو هڪ اهم ادارو آهي. ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ٽيليوزن اسٽيشنن کي هلائي رهيو آهي. هن جي آمدنيءَ جو دارومدار تجارتي اشتهارن تي ۽ لائيسنس جي فنڊ تي آهي. ڪارپوريشن ملڪ جي ماڻهن کي تفريح ڏيڻ لاءِ ڪيترن شهرن ٿاڻي بولاخان، روجهاڻ، دادو، شڪارپور، ٽنڊي الهيار، موري، ساهيوال، رحيم يار خان، شجاع آباد، فيصل آباد، وزير آباد، مالاڪنڊ، احمد پور شرقيه، ڪوهلي، بهاول پور، سون سڪيس، ٺنڊياڻي ۾ بوسٽر هنيا ويا آهن. 22 ڊسمبر 1972ع تي پاڪستان ٽيليوزن جو رابطو هندي وڏي سمنڊ مٿان هلندڙ آمريڪي مصنوعي سياري انٽرنيٽ سان ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي پاڪستاني ڏسندڙ سمنڊ پار ملڪن جا ٽيليوزن پروگرام به ڏسي سگھندا آهن. آزمائشي طور تي ڪراچي اسٽيشن کي 15 نومبر 1972ع تي فضائي اسٽيشن سان ملايو ويو آهي. 1977ع ۾ ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن رنگين پروگرام پيش ڪيا. پاڪستان ٽيليوزن ڪارپوريشن پنهنجن ملازمن کي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تربيت به ڏيندي آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ سينٽرل ٽيليوزن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۽ ايشين ٽيليوزن نيوز سروس ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان ٽيليويزن تان پيش ڪيل ڊراما پوري ايشيا ۾ مشهوري ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته هن اداري ملڪ جي مختلف علائقن سان گڏ سنڌ مان به ڪيترائي اداڪار، صداڪار، گلوڪار، ڪمپيئر، نيوز ڪاسٽر متعارف ڪرايا آهن، جن شوبز جي دنيا ۾ پاڻ مڃايو. هن وقت پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي گلوبل، پي ٽي وي نيوز، پي ٽي وي ورلڊ ۽ پي ٽي وي بولان وغيره جي نشريات پڻ پوري ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ ڏٺي پئي وڃي.


لفظ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو